عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته شاهد خاقان وزيراعظم چونڊجڻ بعد قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڏيڻ بدران نوازشريف وٽ ويو

shaikh rasheed

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته شاهد خاقان وزيراعظم چونڊجڻ بعد قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڏيڻ بدران نوازشريف وٽ ويو، نيب ۾ شاهد خاقان سميت 179 ماڻهن جو ڪيس هلي رهيو آهي، جيڪڏهن حديبيه پيپر ملز وارو ڪيس کليو ته ٻئي ڀائر جيل ۾ هوندا.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته شاهدخاقان وزيراعظم چونڊجڻ بعد قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀرڻ بدران نوازشريف وٽ ويو.

هن چيو ته نيب ۾ شاهد خاقان عباسي سميت 179 ماڻهن خلاف ڪيس هلي رهيا آهن.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته  اسپيڪر کي ٻڌايو هو ته ايل اين جي ۾ 200 ارب رپين جو فراڊ ٿيو آهي. هاڻ ايل اين جي ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان.

هن چيو ته جيڪڏهن حديبيه پيپرز وارو ڪيس کليو ته ٻئي شريف ڀائر جيل ۾ هوندا.

شيخ رشيد چيو ته طاهر القادري وطن واپس اچڻ جو سٺو فيصلو ڪيو، ساڻس جلد ملاقات ڪندس……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*