پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو

khursheed shah

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، خورشيد شاهه چيو آهي ته اربين روپين جا منصوبا رولڙي جو شڪار آهن، وڌيڪ چار سئو ارب رپين جي منصوبن جي منظوري نٿي ڏئي سگهجي.

چيئرمين خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ پلاننگ سيڪريٽري رولڙي جو شڪار ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني.

منصوبابندي ۽ ترقي جي عملدار بريفنگ ڏيندي چيو ته گذريل مالي سال 800 ارب رپين جي وفاقي ترقياتي بجيٽ مان 744 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا.

عملدار بريفنگ ڏيندي چيو ته هلندڙ سال لاءِ وفاقي ترقياتي بجيٽ ۾ هڪ هزار هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن، هر سال ترقياتي بجيٽ جو 90 سيڪڙو خرچ ٿي رهيو آهي.

خورشيد شاهه چيو ته اربين رپين جا منصوبا رولڙي جو شڪار آهن، وڌيڪ چار سئو ارب رپين جي منصوبن جي منظوري ڪئين ٿي ڏئي سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*