وفاقي ڪابينا جي جوڙجڪ لاءِ نوازليگ جو اجلاس مري ۾ جاري آهي
وفاقي ڪابينا جي جوڙجڪ لاءِ نوازليگ جو اجلاس مري ۾ جاري آهي، جنهن ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، ميان نوازشريف، شهباز شريف ۽ ٻيا شريڪ آهن.
وزيراعظم شاهد خاقان عباسي مري ۾ نوازليگ سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي رهائشگاهه تي پهتو.
ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ شهباز شريف به شريڪ ٿيو.
ملاقات بعد نوازليگ جو مشاورتي اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ شاهد خاقان عباسي، ميان نوازشريف ۽ شهباز شريف کانسواءِ پارٽي جا سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻا وفاقي وزير به شريڪ آهن.
اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا جي جوڙجڪ بابت مشاورت ڪئي پئي وڃي، امڪان آهن ته نوازشريف جي ڪابينا ۾ شامل وزير اڄ ٻيهر حلف کڻندا.
ذريعن موجب چوڌري نثار ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو آهي، عدالتي فيصلي سبب اسحاق ڊار جي به ڪابينا ۾ شموليت جا امڪان گهٽ آهن.
پي ايم هائوس جي ترجمان چيو آهي ته ڪابينا ۾ شامل ٿيندڙ وزير شام ساڍي 5 وڳي حلف کڻندا.