قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪراچي مان ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ويڙهه جاري آهي، رنڇوڙ لائين مان ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن جو تعلق هڪ سياسي تنظيم سان ٻڌايو پيو وڃي.

ڪراچي ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو آپريشن تيزي سان جاري آهي، جنهن ۾ لڳاتار ڪاميابي جون دعوائون ڪيون پيون وڃن.

ڪراچي ۾ رينجرس رنڇوڙ لائين واري علائقي ۾ هڪ ڪارروائي ڪري ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل دهشتگردن جو تعلق هڪ سياسي جماعت سان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*