اٽلي ۾ هزارين پوليس اهلڪارن پاران پگهارون وڌائڻ ۽ پوليس نظام سڌارڻ لاءِ هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو

اٽلي ۾ هزارين پوليس اهلڪارن پگهارون وڌائڻ ۽ پوليس نظام ۾ سڌارن لاءِ هڙتال ڪري احتجاج ڪيو.

سڄي اٽلي مان 10 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار گادي واري شهر روم ۾ احتجاج ڪيو، ان موقعي تي اهي پگهارن ۾ واڌاري ۽ پوليس نظام ۾ سڌارن جي حق ۾ نعرا هڻي رهيا هئا.

روم جي اختيارين موجب احتجاج ڪندڙ اهلڪارن ۾ اڪثريت ميونسپل پوليس جي هئي، احتجاج ڪندڙ اهلڪارن جو چوڻ هو ته هو پوليس نظام ۾ سڌاري لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيا آهن ۽ کين اميد آهي ته عوام به سندن پيشي کي مڃتا ڏيندي.

احتجاج ڪندڙ هڪ اهلڪار جو چوڻ هو ته سندن پگهارون به سول سرونٽس جي برابر آهن، پر کين سياري ۾ سينٽرل هيٽنگ ۽ گرمين ۾ ايئر ڪنڊيشنر واريون سهولتون حاصل آهن، کين ڪابه سهولت نه آهي.

فرانس ۾ ميگزين جي آفيس تي حملي کانپوءِ اٽلي ۾ پوليس جي هڙتال سبب شهرين کي ڳڻتي ورائي وئي آهي، سندن چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۽ خاص طور تي يورپ ۾ دهشتگرد حملن جو خطرو آهي.

شهرين جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي مقابلي لاءِ حڪومت توڙي پوليس کي اختلافن بدران متحد ٿيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*