ڀارتي فلم ڪوئين جي ڪاميابي اداڪارا ڪنگنا راناوت کي پريشانين ۾ وجهي ڇڏيو

ڀارتي فلم ڪوئين جي ڪاميابي اداڪارا ڪنگنا راناوت کي پريشانين ۾ وجهي ڇڏيو.

سال 2014 جي  سڀ کان مشهور فلم ڪوئين  جنهن زريعي اداڪارا ڪنگنا رناوت ته دلين تي راڄ ڪيو پر فلم جي ايتري وڏي ڪاميابي ڪنگنا کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو ڇو ته ڀارتي فلم انڊسٽري سان لڳاپيل ڪيترائي مشهور اداڪار ڪنگنا سان ڪنهن به فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان لنوائين ٿا فلم ڊائريڪٽرز پنهنجي فلمن ۾ ڪنگنا کي ڪاسٽ ڪرڻ سان گڏ جڏهن ڇوٽي نواب سيف علي خان شاهد ڪپور ۽ ارجن ڪپور سان رابطو ڪيو ته انهن پنهنجي فلمن جي شوٽنگ جو بهانو بڻائي پهرين هاڪار ڪئي ۽ پوءِ ناڪار ڪري ڇڏي، ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اداڪارن  جو اهو چوڻ آهي ته ڪنگنا جي فلم ۾ ڪهاڻي  انهن کان وڌيڪ ڪنگنا تي فلمايل هوندي آهي تهن لاءِ هو سندس فلمن ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*