28 وفاقي ۽ 18 مملڪتي وزيرن تي ٻڌل نئين وفاقي ڪابينا حلف کڻي ورتو آهي

cabinet halafbardari

28 وفاقي ۽ 18 مملڪتي وزيرن تي ٻڌل نئين وفاقي ڪابينا حلف کڻي ورتو آهي، لڳ ڀڳ ساڳيا وزير ٻيهر ڪابينا ۾ شامل آهن، چوڌري نثار ڪابينا ۾ شامل نه ٿيو، ڪيپٽن صفدر کي مملڪتي وزير بڻايو ويو آهي.

ايوان صدر ۾ وفاقي ڪابينا جي حلف برادري تقريب ٿي، جنهن ۾ صدر ممون حسين 46 رڪني ڪابينا حلف ورتو، جن ۾ 28 وفاقي ۽ 18 مملڪتي وزير شامل آهن.

وفاقي وزير ۾ اسحاق ڊار، خواجا آصف، اويس، لغاري، مشاهدالله خان، صدرالدين شاهه راشدي، رياض پيرزاده، بيليغ الرحمان، حاصل بزنجو، مصفيٰ جتوئي، اڪرم دراني، ڊاڪٽر درشن سعد رفيق، ممتاز تارڙ شامل آهن.

مملڪتي وزيرن ۾ سيد اياز شيرازي، جنيد انوار، ڄام ڪمال، عابد شير علي، مريم اورنگزيب، انوشي رحمان، طلال چوڌري، دانيال عزيز، طارق فضل چوڌري، عثمان ابراهيم، عبدالرحمان ڪانجو، چوڌري جعفر اقبال، پير امين الحسنات، ارشد لغاري، محسن شاهنواز رانجها، ڪيپٽن صفدر، خرم دستگير، رانا تنوير، حاجي اڪرم انصاري، ڊاڪٽر طارق فضل دوستين خان ڊومڪي جاويد علي شاهه، بليغ الرحمان ۽ ٻين حلف کنيو.

وفاقي ڪابينا ۾ حلف کڻندڙ ميمبرن مان سنڌ جا چار ميمبر مرتضِيٰ جتوئي، صدرالدين شاهه، ڊاڪٽر درشن لال ۽ اياز شاهه شيرازي شامل آهن.

ذريعن موجب، پاڻي ۽ بجلي واري اڳوڻي وزير خواجا آصف کي پرڏيهي وزير، احسن اقبال کي گهرو وزارت ۽ خرم دستگير کي دفاع واري وزارت جو قلمدان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب، اسحاق ڊار کي ناڻي واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويوآهي، جڏهن ته سينيٽر مشاهدالله کي هڪ ڀيرو ٻيهر وفاقي ڪابينا جو حصو بڻائيندي ماحوليات جو قلمدان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پرويز ملڪ کي واپار واري وزارت ڏني ويندي، جڏهن ته طارق فضل چوڌري کي ڪيڊ بابت مملڪي وارو وزير بڻايو ويندو، سائره افضل تارڙ کي صحت کاتي جو قلمدان ڏنو ويندو.

ذريعن موجب، ريلوي جي اڳوڻي وفاقي وزير سعد رفيق کي هڪ ڀيرو ٻيهر ريلوي جي وزارت ڏني ويندي، جڏهن ته مريم اورنگزيب کي ٻيهر اطلاعات بابت مملڪتي وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*