حيدرآباد مان کنڀي گم ڪيل وائيس آف مسنگ پرسنز سنڌ جي ڪنوينر پنهل ساريو جي زال ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتي پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي

hydrabadmap22-8

حيدرآباد مان کنڀي گم ڪيل وائيس آف مسنگ پرسنز سنڌ جي ڪنوينر پنهل ساريو جي زال ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتي پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي.

پنهل ساريو گذريل ڏينهن گهر وڃي رهيو هو ته حيدر آباد جي سنڌ ميوزيم روڊ تي پوليس وردي پهريل ماڻهو کيس کنڀي ويا هئا.

وائيس آف مسنگ پرسنز سنڌ جي ڪنوينر  پنهل ساريو جي زال صغريٰ ساريو پنهنجي وڪيل سان گڏ قاسم آباد ٿاڻي تي پهتي پر پوليس سندس مڙس جو ڪيس داخل نه ڪيو.

ناري صغريٰ ميڊيا کي ٻڌايو ته قاسم آٻاد پوليس ڪيترن ئي ڪلاڪن کان سندس ڪيس داخل ڪرڻ کان نٽائي رهي آهي.

 ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ واقعي کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪندي چيو آهي ته پنهل ساريو کي حيدرآباد پوليس گرفتار ناهي ڪيو.

وائيس آف مسنگ پرسنز سنڌ جي ڪنوينر پنهل ساريو گم ٿيل ماڻهن بابت ڪالهه ڪانفرنس ڪوٺائي هئي ۽ گذريل مهيني حيدرآباد کان ڪراچي تائين لانگ مارچ جي اڳواڻي به ڪئي هئي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*