دادو ۾ گهرو ملازمه نينگريءَ وڏيري جي پُٽ تي ڏاڍائيءَ جو الزام هڻندي چيو آهي ته

Dadu Sindh

دادو  ۾گهرو ملازمه نينگريءَ وڏيري جي پُٽ تي ڏاڍائيءَ  جو الزام هڻندي چيو آهي ته وڏيري جي پُٽ زيادتيءَ جو نشانو بڻايو، جنهن سبب هو ڳورهاري ٿي وئي آهي، وڏيري جي پٽ شادي جو آسرو ڏئي خاموش ڪيو، هاڻ گهران ڪڍي ڇڏيو آهي.

ڳوٺ عارب پنهور جي رهواسي هاري عظيم پنهور جي  15 سالا گهرو ملازمه ڌيءَ والدين ۽ٻين وارثن سان گڏ  دانهيندي چيو ته هو 2 هزار رپين عيوض ڳوٺ جي وڏيري ذوالفقار پنهور جي گهر ۾ ڪم ڪندي هئي، ٽي مهينا اڳ وڏيري  جي پٽ رضوان پنهور کيس زبردستي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو.

هن چيو ته دانهون  ڪرڻ تي مارڪٽ ڪئي وئي ۽ شادي جو آسرو ۽ ڌمڪيون ڏئي خاموش  ڪرايو ويو، ڳورهاري ٿيڻ تي وڏيري کيس گهران ڪڍي ڇڏيو.

نينگري جي ماءُ ممتاز ۽ پي عظيم مطالبو ڪيو ته ڪيس داخل ڪري وڏيري جي پٽ کي گرفتار  ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*