پشاور ۾ امام بارگاهه تي هٿياربندن جو آپگهاتي حملو، 19 نمازي شهيد، 45 کان وڌيڪ زخمي

 پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ اماميه مسجد امام بارگاهه تي هٿياربندن پاران آپگهاتي حملو، جنهن ۾ 19 نمازي شهيد ۽ 45 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا  آهن.

پشاور جي علائقي حيات آباد جي فيز فائيو ۾ واقع امام بارگاهه مسجد تي جمعي نماز جي موقعي تي هٿياربندن حملو ڪيو ۽ ٽي ڌماڪا ڪيا، جن جي نتيجي ۾ 19 نمازي شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته 45 کان وڌيڪ زخمي آهن.

آپگهاتي ڌماڪي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا آهن، چيو پيو وڃي ته دهشتگرد پوليس ۽ ڪمانڊو ورديون پهري مسجد ۾ داخل ٿيا، جتي فائرنگ کانپوءِ دهشتگردن ڌماڪا ڪيا، اکين ڏٺن شاهدن موجب هڪ دهشتگرد پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو، جنهن کانپوءِ فائرنگ ڪئي وئي ۽ انهي دوران ٻه ٻيا به ڌماڪا ٿيا.

چيو پيو وڃي ته امام بارگاهه مسجد تي حملي وقت 800 کان وڌيڪ نمازي موجود هئا.

پاڪ فوج صورتحال تي ضابطي لاءِ حيات آباد جي متاثر مسجد امام بارگاهه جو ڪنٽرول سنڀاليو.

وزير اعظم ميان نواز شريف دهشتگردي جي هن قهري ڪارروائي جي مذمت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان ۽ وڏي وزير پرويز خٽڪ کي پوليس سڪيورٽي خدشن سبب ڌماڪي واري هنڌ وڃڻ نه ڏنو.

ايس ايس پي آپريشن ڊاڪٽر ميان سعيد چيو آهي ته هڪ آپگهاتي جيڪٽ هٿ آئي آهي، جنهن کي ناڪاره بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته ٽي دهشتگرد هڪ ٺهندڙ عمارت مان مسجد ۾ داخل ٿيا، جن مان  هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جيڪو بعد ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ پاڻ کي آپگهاتي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

ايس ايس پي آپريشن پشاور موجب هڪ دهشتگرد اڃا تائين مسجد اندر موجود آهي.

ڊپٽي ڪمشنر پشاور رياض محسود چيو آهي ته ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ حالتون ضابطي هيٺ آهن، هن چيو ته حملو ڪندڙ دهشتگردن جو انگ چار هو.

دفاعي تجزئي نگارن ۽ سڪيورٽي ماهرن جو چوڻ آهي ته امام بارگاهه تي حملو آرمي پبلڪ اسڪول واري حملي سان مشابهت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪندڙن به سڀ کان پهرين پنهنجي گاڏي کي باهه ڏئي ساڙيو هو ۽ امام بارگاهه تي حملو ڪندڙن به ساڳي ريت پنهنجي گاڏي کي باهه ڏئي ساڙيو آهي.

حملي ۾ شهيد ٿيل 10 نمازين جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جن مان ٽي لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻيا لاش وارثن حوالي ڪرڻ جي ڪارروائي جاري آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگرد اڇي رنگ جي ڪار ۾ آيا، جنهن کي لاهور جو نمبر پليٽ الاٽ ٿيل هو.

قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو چوڻ آهي ته امام بارگاهه جي احاطي مان هڪ شڪي کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

آءِ جي ڪي پي ڪي ناصر دراني واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري شاهديون گڏ ڪرڻ جي هدايت ڏني، هاڻي به امام بارگاهه جي هوائي نگراني ڪئي پئي وڃي.

آءِ جي ڪي پي ڪي ناصر دراني صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڌماڪو آپگهاتي هو، جڏهن ته حملو ڪندڙن جو انگ في الحال نه ٿو ٻڌائي سگهجي.

هن چيو ته پهرين ڌماڪي کانپوءِ نمازين مڙسي ڪري ٻئي دهشتگرد کي ڳچي کان پڪڙي ورتو، جنهن ڪري هو پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي نه سگهيو، هن چيو ته ٻئي دهشتگرد جو جسم صحيح سالم آهي، تنهنڪري ڪنهن نتيجي تي پهچڻ ۾ آساني ٿيندي.

هن چيو ته دهشتگردن مسجد جي ڀرسان ٺهندڙ هڪ عمارت جو سهارو ورتو ۽ ان پاسي واري ڀت ٽپي مسجد ۾ داخل ٿيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*