سپريم ڪورٽ منڇر ڍنڍ ڪيس ۾ سمورا آر او پلانٽ فعال ڪري هڪ مهين اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

Supreme-Cour-Karachi-14317

سپريم ڪورٽ منڇر ڍنڍ ڪيس ۾ سمورا آر او پلانٽ فعال ڪري هڪ مهين اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ منڇر ڍنڍ ۾ گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ڊپٽي اٽاني جنرل عدالت کي آگاهي ڏني ته وفاق آر بي او ڊي منصوبن لاءِ فنڊز جي منظور ڏئي ڇڏي آهي.

جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏنا ته اربين رپيا هيڏانهن کان هوڏانهن وڃن ٿا پر عملي طور ڪم نظر نٿو اچي.

آبپاشي واري سيڪريٽري چيو ته  وفاق منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جلد 26 ارب رپين جي فراهمي شروع ٿي ويندي.

ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت محنت ڪري رهي آهي.

جسٽس گلزار احمد رمارڪس ۾ چيو ته رڳو پيسا جمع ڪرڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا اي جي صاحب ڪم به ڪري ڏيکاريو.

آبپاشي واري سيڪريٽري چيو ته آڙ بي او ڊي جي 23 مان رڳو 2 آر او پلانٽ غير فعال آهن.

آر بي او ڊي جي رهواسين چيو ته گندو پاڻي واپرائڻ سبب ٽائفائيڊ ۽ هيپاٽائيٽس جيهڙيون بيماريون ٿي رهيون آهن.

جسٽس گلزار احمد چيو ته هڪ به شخص کي ٽائفائيڊ ٿي ته سرڪاري آفيسر خلاف ڪيس داخل ڪرايو.

عدالت، سمورا آر او پلانٽ فعال ڪري ڪري هڪ مهيني اندڙ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ٻڌڻي ايندڙ سيشن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*