چيئرمين علم الدين بلو جي جارچ سنڀالڻ بعد انڪوائر يز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جو پهريون اجلاس گهرايو ويو

anty cruption chairman

چيئرمين علم الدين بلو جي جارچ سنڀالڻ بعد انڪوائر يز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جو پهريون اجلاس گهرايو ويو، جنوري کان جون تائين ڪراچي جي 3 زونز جي رپوٽ پيش ڪئي وئي.

اجلاس ۾ جنوري کان جون تائين ڪراچي جي 3 زونز جي رپوٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته گذريل 6 مهينن ۾ مختلف کاتن جي ملازمن خلاف 29 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويو، جڏهن ته ڪراچي ۾ 83 جوابدار فرار آهن.

اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين علم الدين بلو چيو ته جيڪڏهن ڪنهن خلاف واضح ثبوت نه آهن ته اهي بند ڪيا وڃن، ڪنهن سان ناانصافي برداشنت نه ڪئي ويندي.

علم الدين بلو چيو ته ڪراچي ۾ کاتي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي وڃي ۽ 15 ڏينهن اندر اهم ڪيسز جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، بهتر نتيجا نه ڏيندڙ آفيسرن کي تبديل ڪيو ويندو.

علم الدين بلو پاران جارچ سنڀالڻ بعد سڏايل پهرين اجلاس ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي جي سمورن عملدارن شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*