خيرپور تعلقي ميونسپل ڪميٽي جي هڪ ڪروڙ 98 لک رپين جي بچت واري بجيٽ پيش ڪئي وئي

khairpur-map10-8

خيرپور تعلقي ميونسپل ڪميٽي جي  هڪ ڪروڙ 98 لک رپين جي بچت واري بجيٽ پيش ڪئي وئي.

تعلقي ميونسپل ڪميٽي خيرپور جو بجيٽ اجلاس چيئرمين  سيد امجد علي شاهه جيلاني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ چيئر مين مالي سال 2018-2017ع جي بجيٽ پيش ڪئي .

 بجيٽ ۾ آمدني جو ڪاٿو 96 ڪروڙ 48 لک 96 هزار  رپيا لڳايو ويو، جڏهن ته خرچن جو ڪاٿو 94 ڪروڙ 50 لک 12 هزار رپيا  لڳايو ويو آهي.

بجيٽ ۾ پگهارن لاءِ 34 ڪروڙ 9 لک 12 هزار  رپيا، ترقياتي ڪمن لاءِ 15 ڪروڙ 70 لک رپيا، غير ترقياتي خرچن لاءِ 29 ڪروڙ 27 لک رپيارکيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*