سکر پوليس چڙهائي دوران گرفتار ڪيلن مان ٽن ڄڻن کي مقابلو ڄاڻائي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو

suk half fry

سکر پوليس چڙهائي دوران گرفتار ڪيلن مان ٽن ڄڻن کي مقابلو ڄاڻائي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو.

صبح سوير پوليس ڊيها ويجهو مبينا طور چڙهائي ڪري ميراڻي برادري جي 15 ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ گهرن ۾ بيٺل موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو قيمتي سامان به پاڻ سان کڻي وئي.

پوليس ڪجهه ڪلاڪن بعد ميڊيا کي ڄاڻايو ته ڊيها ويجهو مقابلي ۾ 3 جوابدارن عبيد ميراڻي، فاروق ۽ زبير ميراڻيکي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

مقابلي ۾ گرفتار ڄاڻايلن جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي، معاملي جي جاچ ڪرائي جوابدارن پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*