اڳوڻي صدر ۽ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي ادارن کي آئيني طريقي سان مضبوط ڪيو

dubai zardari meet saeed gani

اڳوڻي صدر ۽ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي ادارن کي آئيني طريقي سان مضبوط ڪيو، جمهوريت کي نقصان پهچائيندڙن جا رستا آئيني طريقي سان بند ڪيا.

دبئي ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان  صوبائي اسيمبلي جي ميمبر سعيد غني ملاقات ڪئي. جنهن دوران ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي آصف زرداري عيد نوابشاهه ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته نوازشريف کي چيو هو ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏي نه ته دما دم مست قلندر ٿيندو.

هن چيو ته عدالتي فيصلي کانپوءِ دمادم مست قلندر جو نعرو عوام ئي لڳايو هو.

اڳوڻي صدر چيو ته اسان ان شخص سان گڏ ناهيون، جيڪي جمهوريت جي خلاف آهن.

آصف علي زرداري چيو ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي مخالفت ڪندڙن جي ڳچي ۾ پئجي ويو آهي، روايتن کي برقرار رکيو وڃي ها ته ميان صاحب کي هي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*