صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته ملڪ لاءِ آگسٽ، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر اهم آهن

manzoor wasan

   صوبائي وزير منظور وساڻ چيو  آهي ته ملڪ لاءِ آگسٽ، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر اهم آهن، ٿي سگهي ٿو نيب جو فيصلو اچڻ کان اڳ ئي نئون وزير اعظم اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، عمران خان سميت ٻين جو به احتساب ٿي سگهي ٿو.

  منظور وساڻ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته نئون وزير اعظم اسيمبلي ٽوڙي جلد چونڊون ڪرائي.

    منظور وساڻ چيو ته نيب فيصلو اچڻ کان اڳ اسيمبلي ٽٽڻ جا امڪان آهن.

   هن چيو ته ملڪ لاءِ آگسٽ، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر اهميت رکن ٿا، ان وقت دوران احتساب ۾ ڪيترائي ماڻهو نا اهل ٿي ويندا، احتساب عمران خان سميت ٻين جو ٿي سگهي ٿو.

منظور وساڻ چيو ته پرويز مشرف جو تازو بيان سمجهه کان ٻاهر آهي، هو ايم ڪيو ايم پاڪستان سميت ٻنهي دڙن جي سربراهي ڪري سگهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*