پيپزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان سنڌ پوليس جي شهيدن کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي قوم جي سمورن شهيدن جي وارث آهي

Bilawal-PPP-21117

پيپزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان سنڌ پوليس جي شهيدن کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي قوم جي سمورن شهيدن جي وارث آهي، شهيدن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون.

شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ سرڪار شهيد پوليس اهلڪارن جي گهرڀاتين جو خيال رکندي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي ۽ ڏوهارين خلاف وڙهي شهيد ٿيل اهلڪارن کي هميشه ياد رکيو ويندو، قوم پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو دل سان احترام ڪري ٿي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*