ٺارو شاهه ويجهو ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا،زخمين کي ٺارو شاهه اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري سول اسپتال نوشهري فيروز منتقل ڪيو ويو

Accident-Road-27217

ٺارو شاهه ويجهو ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا،زخمين کي ٺارو شاهه اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري سول اسپتال نوشهري فيروز منتقل ڪيو ويو.

ڀريا لنڪ روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ رمضان سولنگي، اقرار ساند، خميسو ۽ هاشم سولنگي زخمي ٿي پيا.

زخمين کي ٺارو شاهه جي اسپتال پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽر نه هئڻ سبب ٻن زخمين  رمضان سولنگي ۽ اقرار ساند کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال نوشهري فيروز منتقل ڪيو ويو.هوڏانهن زخمين جي وارثن اسپتال  ۾ڊاڪٽر نه هئڻ خلاف احتجاج ڪيو.

هنن مطالبو ڪيو ته جاچ ڪرائي ذميوار ڊاڪٽرن  خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*