ڪي پي ڪي ۾ سينيٽ چونڊن ۾ اتحاد لاءِ مختلف پارٽين سان رابطا جاري آهن خواجه سعد رفيق

ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪي پي ڪي ۾ سينيٽ چونڊن ۾ اتحاد لاءِ مختلف پارٽين سان رابطا جاري آهن، هارس ٽريڊننگ ڪندڙن ميمبرن خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو.

اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سعد رفيق چيو ته ڪي پي ڪي ۾ هڪ شخص هارس ٽريڊنگ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته مسلم ليگ ن فيصلو ڪيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي فاروڊ بلاڪ سان رابطو نه ڪيو ويندو.

سعد رفيق چيو ته پيپلزپارٽي ۽ شيرپائو گروپ سان رابطا جاري آهن، پارٽي جي ڪنهن ميمبر هارس ٽريڊنگ ڪئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*