سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ عمرڪوٽ ۾ ليڊي ڊاڪٽر ۽ نرس تي تشدد ڪندڙ آفيس سپرينڊينٽ کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

sindh-highi-court

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ  عمرڪوٽ ۾ ليڊي ڊاڪٽر ۽ نرس تي تشدد ڪندڙ آفيس سپرينڊينٽ کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ، سيشن جج عمرڪوٽ جي رپورٽ تي آفيس سپرينڊينٽ کي معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.

گذريل ڏينهن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

ليڊي هيلٿ آفيسر الزام لڳايو هو ته سول جج جي آفيس سپرينڊينٽ پوليس ذريعي کين عدالت گهرائي پوليس کان ئي تشدد ڪرايو.

ليڊي هيلٿ آفيسر چيو ته پاڻ کي سول جج جو گارڊ ظاهر ڪندڙ شخص کين جج جي گهر هلي سندس پٽ کي انجيڪشن لڳائڻ جو چيو، جنهن ۾ دير ٿيڻ تي کين تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

 هوڏانهن تشدد ۽ تذليل واري عمل خلاف عمرڪوٽ جي سول اسپتال، ميڊيڪل اسٽور ۽ پرائيوٽ اسپتالن جي عملي ٽين ڏينهن  به احتجاج جاري رکندي  ٽي ڪلاڪن تائين ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي.

عملي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري سول اسپتال اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي  ڊاڪٽر اعظم کوسو، ڊاڪٽر ڄام ڪنڀر، ڊاڪٽر چينو مل ۽ ٻين چيو ته ليڊي ڊاڪٽر ۽ اسٽاف نرس سان بدسلوڪي واري واقعي سان مسيحائي پيشي جو تقدس مجروع ٿيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*