ڪراچي جون دهشتگردي ٽوڙ عدالتون عيد کان پوءِ سينٽرل جيل منتقل ڪرڻ بابت وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي

cm ijlas

ڪراچي جون دهشتگردي ٽوڙ عدالتون عيد کان پوءِ سينٽرل جيل منتقل ڪرڻ بابت وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي، جڏهن ته وزير وزير هدايت ڪئي ته آگسٽ جي آخر تائين سي سي ٽي وي ڪيمرائون ۽ ٻيا سڪيورٽي انتظام مڪمل ڪرڻ جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ دهشتگردي ٽوڙ عدالتون، سينٽرل جيل منتقل ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو.

وڏي وزير کي اگاهي ڏني وئي ته سينٽرل جيل ڪراچي ۾ 806 ملين  رپين جي لاڳت سان 14 دهشتگردي ٽوڙ عدالتون ۽ رهائشي منصوبا جاري آهن.

وڏير وزير کي اگاهي ڏني وئي ته هلندڙ مهيني جيل جي حدن اندر سمورين دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي عمارتن جي تعمير مڪمل ٿي ويندي، جيڪي عيد کانپوءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏينديون.

آگاهي ڏني وئي ته منصوبي ۾ عدالتن کانسواءِ ججز لاءِ 20 ۽ اسٽاف لاءِ 24 فليٽ به شامل آهن.

وڏي وزير چيو ته جيلن جي حدن ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالتون منتقل ٿيڻ سان دهشتگردن جي پيشين جو مسئلو نه رهندو.

وزير وزير هدايت ڪئي ته آگسٽ جي آخري تائين کيس سي سي ٽي وي ڪيمرائون ۽ ٻيا سڪيورٽي انتظام مڪمل ڪرڻ جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*