لاڙڪاڻي ۾ بيواهه عورت گهر تي قبضي خلاف احتجاج ڪيو آهي

larkana woman pro

لاڙڪاڻي ۾ بيواهه عورت گهر تي قبضي خلاف احتجاج ڪيو آهي.

شهر جي محمد پور محلي جي رهواسڻ بيوهه وزيران خاتون سانڀل ڌيئرن بدرالنساءِ ۽ بينظير سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙ عورت چيو ته سندس اڳ ڄائي پٽ قمرالدين سانڀل گهر تي قبضو ڪري اسان کي بيدخل ڪيو آهي، جنهن ڪري هوءَ پنهنجي والد جي گهر گاجي کهاوڙ ۾ رهي ٿي.

هن چيو ته احتجاج ڪرڻ تي اڳ ڄائو پٽ قمرالدين اسان کي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

هن اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته سندس گهر تان قبضو ختم ڪرائي اڳ ڄائي پٽ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*