قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پي ٽي آءِ ايم اين اي عائشه گلالئي پاران عمران خان تي سنگين الزام لڳائڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ

national assembly

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پي ٽي آءِ ايم اين اي عائشه گلالئي پاران عمران خان تي سنگين الزام لڳائڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ مستقل اخلاقيات ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق  20 رڪني اخلاقيات ڪميٽي جي منظوري  ڏني.

ذريعن موجب، اخلاقيات ڪميٽي ۾ 13 حڪومتي ميمبر ۽ 7 اپوزيشن جا ميمبر شامل هوندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عائشه گلالئي ۽ عمران خان جي معاملي کي به اخلاقيات ڪميٽي ڏسندي.

ذريعن موجب، ڪنهن ميمبر کي ٻئي ميمبر مان شڪايت وارو معاملو به ڪميٽي ڏسندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اخلاقيات ڪميٽي ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ڪم شروع ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*