سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته نواز شريف پهرين ايٽمي ڌماڪو ڪري ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو،

muhammad zubair

سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته نواز شريف پهرين ايٽمي ڌماڪو ڪري ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو، هنيئر سي پيڪ منصوبو ڏئي ملڪ ۾معاشي ڌماڪو ڪيوآهي، سپريم ڪورٽ طرفان کيس نااهل قرار ڏيڻ واري فيصلي سبب ملڪ ۾ پکڙيل ڪاوڙ ۽ ڏک جائز آهي.

گورنر محمد زبير مير پور خاص جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي ۽ شهرين جي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جو سمورو ناڻو پنجاب تي خرچ ٿيڻ جا الزام غلط آهن، بهتر پلاننگ سبب پنجاب ۾ ترقي ٿي رهي آهي.

گورنر چيو ته اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي سندن حصو ملي رهيو آهي، سنڌ حڪومت کان پڇيو وڃي ته سنڌ کي ملندڙ رقم ڪٿي خرچ ٿئي پئي.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ طرفان نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ واري فيصلي سبب ملڪ ۾ ڪاوڙ ۽ ڏک جي لهر پکڙيل آهي، ن ليگ نظرثاني لاءِ عدالت ويندي.

  هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي کان ميرپورخاص ٽرين سروس ايندڙ هفتي کان شروع ڪئي ويندي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ايندڙ هفتي ڪراچي جي دوري تي ايندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*