پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به الزامن جي سياست ناهي ڪئي

Bilawal-Bhutto-04

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به الزامن جي سياست ناهي ڪئي، عائشه گلا لئي جا الزام سنگين آهن، جنهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، ميان صاحب الوداعي دورا ڪري رهيو آهي، 2018ع ۾ خبر پئجي ويندي ته عوام ڪنهن کي رد ٿو ڪري.

چترال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو عائشه گلا لئي جا الزام سنگين آهن، جنهن جي غيرجانبداراڻي جاچ ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به الزامن جي سياست نه ڪئي آهي، مستقبل ۾ به ڪڏهن اهڙي سياست نه ڪندي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سياست ۾ الزام لڳائڻ واري روايت خراب آهي،

هن چيو ته پ پ هميشه عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي، عورتن کي حراسان ڪرڻ واري قانون تي عمل ٿيڻ گهرجي.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته عمران خان جهڙي ريت سياست کي اڳتي وڌائي رهيو آهي، اهو غلط آهي.

هن چيو ته ميان صاحب الوداعي دورا ڪري رهيو آهي، کيس 2018ع جي چونڊن ۾ عوام رد ڪري ڇڏيندو.

بلاول چيو ته شهباز شريف کي به خبر آهي ته اين اي 120 تان کيس شڪست  ملي سگهي ٿي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  درخواست ڪي وئي آهي ته 2018 جي چونڊ چترال مان وڙهان.

هڪ سوال جي جواب ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته چونڊن ۾ ڪنهن سان به سيٽ ايڊجسٽمينٽ نه ڪئي ويندي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*