سکر ۾ سول سوسائٽي پاران سول اسپتال ۾ مريضن کي صحت بابت بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

sukkur civil hosp ahtjaj

سکر ۾ سول سوسائٽي پاران سول اسپتال ۾ مريضن کي صحت بابت بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ثناءَ الله مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته سول اسپتال مان اڪثر سرجن ۽ فزيشن غير حاضر رهن ٿا، جنهن ڪري مريضن کي علاج جون سهولتون نه ٿيون ملن.

هنن چيو ته سول اسپتال 500 بسترن تي ٻڏل آهي پر ڊاڪٽر موجود ناهن، مختلف شهرن مان مريض علاج لاءِ هتي اچن ٿا.

هنن چيو ته معمولي مرض ۾ مبتلا مريض ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف جي لاپرواهي سبب مري وڃن ٿا.

 اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سول اسپتال جا انتظام بهتر ڪري ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف کي ڊيوٽين جو پابند بڻائي غريب مريضن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*