تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته نوازشريف حڪومت ۾ داخل اندازي بند ڪري

pti naeem ulhaq

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته نوازشريف حڪومت ۾ داخل اندازي بند ڪري، موجوده وزيراعظم ڪٺ پتلي آهي جيڪو صرف نوازشريف جي هدايت تي عمل ڪري رهيو آهي.

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نعيم الحق چيو ته سڀني سياسي جماعتن کي اپيل آهي ته ذاتيات تي سياست نه ڪن، سياسي جماعتن کي ملڪي معاملن تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.

هن چيو ته نوازشريف حڪومت ۾ داخل اندازي بند ڪري، موجوده وزيراعظم ڪٺ پتلي آهي جيڪو صرف نوازشريف جي هدايت تي عمل ڪري رهيو آهي.

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته سمورين سياسي  جماعتن کي گڏجي ملڪي معاملن تي ڳالهائڻ گهرجي.

هن چيو ته عائشه احد ملڪ ڪيترن ئي سالن کان انصاف جي ڳولا ۾ آهي.

نعيم الحق چيو ته عائشه احد کي جيل ۾ وجهي تشدد ڪيو ويو، هاڻ کيس انصاف ملڻ گهرجي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته جماعت اسلامي جي عائشه گلا لئي کي سپورٽ ڪرڻ واري معاملي تي رابطو نه ٿيو آهي، کيس پنهنجو موقف واضح ڪرڻ گهرجي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*