پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارت ۽ افغانستان سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا پر ڀارت طرفان ڪو به هاڪاري جواب نه ملي رهيو آهي

Khuwaja-Asif-27517

پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارت ۽ افغانستان سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا پر ڀارت طرفان ڪو به هاڪاري جواب نه ملي رهيو آهي.

سيالڪوٽ ۾ ميديا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ڀارت سان حالتون معمول تي آڻڻ چاهيون ٿا پر ڪو به هاڪاري جواب نه ملي رهيو آهي.

هن چيو ته  ڀارتي اولهه واري سرحد تي به حالتون خراب ٿي رهيون آهن، ڀارت جنگبندي واري معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، افغانستان سان ڀارتدوستاڻا لاڳاپا چاهي ٿو.

هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ گهٽتائي آئي آهي.

خواجا آصف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جو اهم ڪردار آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*