دادو سول اسپتال ۾تازو ڄاول ٻارڙيءَ فوت ٿي وئي

Dadu Sindh

دادو سول اسپتال ۾تازو ڄاول ٻارڙيءَ فوت ٿي وئي، وارثن اسپتال عملي تي غفلت جو الزام هڻندي ٻارڙيءَ جو لاش کڻي احتجاج ڪيو.

سول اسپتال ۾شهري ذوالفقار سومري جي تازو ڄاول ٻارڙيءَ فوت ٿي وئي، وارثن سندس لاش کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي ٻارڙيءَ جي والد ذوالفقارسومرو، عرس سومرو ۽ ٻين  دانهيندي چيو ته سندن ٻارڙيءَ صحتمند ڄائي هئي، پر ڊاڪٽرن جي غفلت سبب فوت ٿي وئي.

هنن مطالبو ته معاملي جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*