آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽيلرسن چيو آهي ته آمريڪا روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو

racks tellorson

آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽيلرسن چيو آهي ته آمريڪا  روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو، اختلافن تي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو ڪو به جواز نه آهي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ريڪس ٽيلرسن چيو ته اختلافن تي لاڳاپا ختم ڪرڻ بي معني آهن، روس ڳالهيون ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته روس ۽ آمريڪا جي لاڳاپن سان مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو.

ريڪس ٽيلرسن چيو ته روس کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته آمريڪي چونڊن ۾ مداخلت وارو معاملو سنجيده مسئلو آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽيلرسن روسي هم منصب سرگئي لاروف سان ملاقات ڪئي  هئي،

ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو ويو هو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*