سنڌ درياءَ جي پاڻي سطع ۾ چاڙھه جو سلسلو جاري، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 50 ھزار ڪيوسڪ جي واڌ ٿي آهي،گڊو بئراج وٽ وچين ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي

guddo bradge

سنڌ درياءَ جي پاڻي سطع ۾ چاڙھه جو سلسلو جاري، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ  50 ھزار ڪيوسڪ جي واڌ ٿي آهي،گڊو بئراج وٽ وچين ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي، مٿانھون وھڪرو 3 لک 45 ھزار 603 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو3 لک 14 ھزار 955 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

آبپاشي عملدارن موجب سکر بئراج وٽ مٿانھون وھڪرو 2 لک 37 ھزار 365 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو هڪ لک 80 ھزار 975 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

آبپاشي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانھون وھڪرو هڪ لک 27 ھزار 45 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 87 ھزار 10 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*