ڪراچي جي احتساب عدالت ڪرپشن ريفرنس ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايل ڊاڪٽر عاصم جي درخواست رد ڪري ڇڏي

atc

ڪراچي جي احتساب عدالت ڪرپشن ريفرنس ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايل ڊاڪٽر عاصم جي درخواست رد ڪري ڇڏي، ڊاڪٽر عاصم ٻڌڻي دوران بيٺو رهيو، عدالت رمارڪس ڏنا ته، توهان نٿا وڃڻ چاهيو ته ويهي رهو، توهان جي پنهنجي عدالت آهي، ڊاڪٽر عاصم جواب ڏيندي چيو ته توهان جي احترام ۾ بيٺو آهيان.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف ٻن ريفرنسز تي ٻڌڻي ٿي.

عدالت ڊاڪٽر عاصم جي سرجري ڪرائڻ بابت داخل ڪرايل درخواست غير موثر قرار ڏئي رد ڪري ڇڏي ۽ رمارڪس ڏنا ته اوهان کي ميڊيڪل جي ضرورت ناهي.

ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر عاصم جي طبعيت ناساز آهي، هاڻ به درخواست ٻڌڻي لائق آهي، اڄ ئي سرجري بابت نئين درخواست داخل ڪرائيندو.

عدالت ٻڌڻي 9 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي ملتوي هئڻ باوجود ڊاڪٽر عاصم عدالت ۾ بيٺو رهيو، جنهن تي جج کيس چيو ته اوهان وڃڻ نٿا چاهيو ته ويهي رهو، اوهان جي پنهنجي عدالت آهي.

ڊاڪٽر عاصم جواب ڏنو ته اوهان جي احترام ۾ بيٺو آهيان، هونئن به عدالتن ۾ اچي اچي اڌ وڪيل بڻجي چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*