وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سڀاڻي وفاقي ڪابينا جو اجلاس گهرائي ورتو آهي

pm meet with governer

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سڀاڻي وفاقي ڪابينا جو اجلاس گهرائي ورتو آهي، وزيراعظم سان پنجاب جي گورنر محمد رفيق رجوانا ملاقات ڪئي.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي گهرائي ورتو آهي، ذريعن موجب، اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ سڪيورٽي صورتحال تي تي غور ويچار ڪيو ويوندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي لاهور روانگي بابت به مشاورت ڪئي ويندي.

ٻئي طرف وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان پنجاب جي گورنر محمد رفيق رجوانا ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران حڪومتي ڪارونهوار ۽ لاهور سميت صوبي جي مجموعي امن امان واري صورتحال بابت مشاورت ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*