اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي قيام سبب پنجاب هائوس سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻيل آهي

pm army cheif

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي قيام سبب پنجاب هائوس سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻيل آهي، وفاقي گهرو وزير احسن اقبال سميت مختلف شخصيتن ميان نوازشريف سان ملاقاتون ڪري سياسي معاملن تي مشاورت ڪئي.

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ پرويز رشيد پنجاب هائوس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.

ذريعن موجب، ملاقاتن دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ ميان نوازشريف جي لاهور روانگي دوران مختلف هنڌن تي آجيان جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي.

ذريعن موجب، گهرو وزير احسن اقبال ميان نوازشريف کي جي ٽي روڊ تي سفر دوران سيڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ ڏني ۽ ساڻس صلاح مشورا به ڪيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*