پنجاب سرڪار ينگ ڊاڪٽرز جي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران وڌيڪ 7 ڊاڪٽرز کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو

multan young dr

پنجاب سرڪار ينگ ڊاڪٽرز جي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران وڌيڪ 7 ڊاڪٽرز کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو، ملتان ۾ سڪيورٽي اهلڪارن احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽرن تي تشدد 5 ڄڻن کي سخت ڪري زخمي ڪري ڇڏيو.

لاهور، فيصل آباد، ملتان ۽ ٻين شهرن جي اسپتالن ۾ ينگ ڊاڪٽر ايسوسيئيشن جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ ستين ڏينهن به هڙتال جاري آهي.

ملتان جي نشتر اسپتال ۾ سڪيورٽي اهلڪار احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽرن مٿان ڪڙڪي پيا.

سڪيورٽي اهلڪارن ڊاڪٽرن تي تشدد ڪندي پنج ڄڻن کي سخت زخمي ڪري وڌو.

ينگ ڊاڪٽرز جي هڙتال سبب ملتان جي چلڊرن اسپتال سميت ٻين ڪيترن ئي اسپتالن ۾ مريض ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

فيصل آباد ۾ ينگ ڊاڪٽرز پاران اوپي ڊي جي بائيڪاٽ سبب ڪيترن ئي مريضن جا آپريشن نه ٿي سگهيا آهن.

ينگ ڊاڪٽرز پاران صرف ايمرجنسي وارڊ ۾ ڪم جاري رکيو پيو وڃي.

ينگ ڊاڪٽرز جي صدر چيو آهي ته سينٽرل انڊڪشن پاليسي واپس ورتي وڃي.

ينگ ڊاڪٽرز جي صدر چيو آهي ته  سندن مطالبا فوري طور منظور نه ڪيا ويا ته اسپتالن ۾  او پي ڊيز جو بائيڪاٽ، انڊور ۽ ايمرجنسي جو به بائيڪاٽ جاري رکيو ويندو.

ٻي طرف پنجاب حڪومت ڊيوٽين تي نه اچڻ سبب وڌيڪ 7 ڊاڪٽرن کي برطرف ڪري ڇڏيو.

پنجاب سرڪار چيو آهي ته ڊيوٽين تي ايندڙ ڊاڪٽرن خلاف سخت قدم کنيا ويندا.

پنجاب سرڪار چيو آهي ته ڊيوٽين تان غير حاضر رهندڙ 7 ڊاڪٽرن کي برطرف ڪري سندن جاءِ تي نيون درخواستون طلب ڪيون ويون آهن. ……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*