ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق چيو آهي ته وزيراعظم کي هٽائڻ لاءِ توهين وارو انداز بند ٿيڻ گهرجي

Saad-Rafique-20417

ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق چيو آهي ته وزيراعظم کي هٽائڻ لاءِ توهين وارو انداز بند ٿيڻ گهرجي، تمام جلد نواز شريف جي نااهلي خلاف درخواست داخل ڪرائي ويندي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق چيو ته ،نواز شريف جي نااهلي جو فيصلو قبول نه آهي. تمام جلد نظرثاني لاءِ درخواست داخل ڪرائي ويندي.

ريلوي واري وزير  چيو ته ڌرڻي وارن ڌانڌلي جي نالي تي رياستي ادارن تي حملا ڪيا، هاڻ سازشون بند ٿيڻ گهرجن.

خواجه سعد رفيق چيو ته نوازشريف کي ٽي ڀيرا وزارت عظميٰ تان هٽايو ويو، کين شروع کان ئي انصاف ملندي نظر نه آيو هو.

هن چيو وزير اعظم کي هٽائڻ لاءِ توهين وارو انداز بند ٿيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*