ميان نواز شريف پاران طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ 9 آگسٽ تي جي ٽي روڊ ذريعي ريلي جي صورت ۾ لاهور روانگي جون تياريون جاري آهن

pm

ميان نواز شريف پاران طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ 9 آگسٽ تي جي ٽي روڊ ذريعي ريلي جي صورت ۾ لاهور روانگي جون تياريون جاري آهن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سڪيورٽي جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.

نواز شريف پاران  جي ٽي روڊ ذريعي ريلي جي صورت ۾ لاهور روانگي جون تياريون جاري آهن. جڏهن ته روانگي بابت حڪمت عملي به تيار ڪئي وئي آهي.

نوازشريف 9 آگسٽ تي اسلام آباد جي پنجاب هائوس مان ريلي جي صورت ۾ لاهور پهچندو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن به انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن.

گهرو وزارت جي ذريعن موجب، ريلي جي سڪيورٽي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ صوبائي گهرو وزارت جي عملدارن نواز ليگ جي اڳواڻن سان رابطا ڪيا آهن.

ذريعن موجب، نوازشريف کي بلٽ پروف  گاڏي ۾ لاهور آندو ويندو ۽ سڪيورٽي ڪليئرنس کانپوءِ کيس گاڏي مان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي.

ذريعن موجب، ريلي جي رستي ۾ مارڪيٽن کي به بند ڪيو ويندو ۽ پوليس اهلڪار ڇتن تي مقرر ڪيا ويندا.

ذريعن موجب، جي ٽي روڊ تي قائم تحريڪ انصاف جي آفيس کي به بند رکيو ويندو ۽ ريلي کي جلد کان جلد منزل تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

ذريعن موجب نوازشريف جي قافلي کي اسلام آباد مان 72 ڪلاڪن ۾ لاهور پهچايو ويندو.

پنجاب حڪومت جي ترجمان ملڪ محمد احمد چيو آهي ته نوازشريف جي ريلي ۾ لکين ماڻهو شامل هوندا، رستي ۾ دڪان بند ڪرائي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويندا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*