تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مراد سعيد ريحام خان کان سوات جي دوري گاڏي ۽ گهر جي استعمال بابت سوال ڪندي

murad syed or reham

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مراد سعيد ريحام خان کان سوات جي دوري  گاڏي ۽ گهر جي استعمال بابت سوال ڪندي چيو آهي ته اوهان اڃا به ڪنهن سازش ۾ شريڪ نه آهيو؟ ريحام خان چيو آهي ته مراد سعيد مٿس گند اڇلائي پنهنجو سياسي مستقبل داءَ تي نه لڳائي.

مراد سعيد پنهنجي وڊيو ۾ نالو کڻڻ کانسواءِ ريحام خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جي اڳ جيان عزت ڪريون ٿا پر ڪجهه سوالن جا جواب ڏيو.

هن چيو ته اهو ٻڌايو ته سوات جي دوري ۾ اوهان ڪنهن جي گاڏي استعمال ڪئي؟ ڪهڙي اڳواڻ جي گهر ترسيا؟ ڪنهن جو پي اي اوهان سان گڏ هو؟

مراد سعيد چيو ته ڇا اڃا به اوهان چوندا ته نوازليگ يا امير مقام سان رابطو ناهي ۽ ڪنهن سازش ۾ شريڪ نه آهيو؟

ريحام خان رد عمل ۾ چيو ته هن پي ٽي آءِ جي نوجوان جي سوالن جا جواب ڏنا ته کيس صدمو پهچندو.

هن چيو ته مراد سعيد مٿس گند اڇلائي پنهنجو سياسي ڪيرئر داءَ تي نه لڳائي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*