پ پ ايم پي اي سعيد غني چيو آهي ته آصف زرداري تي الزام هڻندڙ پاڻ خوار ٿي رهيا آهن، نواز شريف ۽ عمران خان جو ساڳيو ئي گُرو آهي

saeed gani

پ پ ايم پي اي سعيد غني چيو آهي ته آصف زرداري تي الزام هڻندڙ پاڻ خوار ٿي رهيا آهن، نواز شريف ۽ عمران خان جو ساڳيو ئي گُرو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته نوازشريف جي سياست جي ٽي روڊ تائين محدود ٿي وئي آهي، پي ٽي آءِ جتي پهتي آهي، اها ان جي اصليت ظاهر ڪري ٿي.

هن چيو ته نواز شريف ۽ عمران خان جو گُرو هڪ آهي، ٻنهي جي سياست ۾ گهڻو فرق نظر نٿو اچي.

سعيد غني چيو ته قوم نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ جا عمل ڏسي رهي آهي، جلد کين مڪمل طور رد ڪري ڇڏيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*