آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمو ڪري قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ سڀني قومي قوتن سان گڏجي ڪوششون جاري رکيون وينديون

army cheif

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمو ڪري قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ سڀني قومي قوتن سان گڏجي ڪوششون جاري رکيون وينديون.

جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آرمي چيف خطي ۾ جٽادار امن قائم ڪرڻ وارو عزم ورجايو ۽ چيو ته ان حوالي سان افغانستان سان اعتماد وارو گڏيل سهڪار چاهيون ٿا.

ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس دوران ملڪ جي اندروني توڙي پرڏيهي سيڪيورٽي جي صورتحال جو جامع جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ علائقائي سڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

ڪانفرنس دوران خاص طور تي افغانستان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي قائم ڪرڻ وارو عزم ورجايو ويو.

ڪانفرنس کي ڪنٽرول لائين جي صورتحال کان به آگاهي ڏني وئي، جڏهن ته آپريشن ردالفساد ذريعي حاصل ڪيل ڏور رس ڪاميابين تي اطمينان ظاهر ڪيو ويو.

آرمي چيف آپريشن خيبر فور جي ڪاميابين ۽ راجگال جهڙي ڏکئي علائقي ۾ ڪامياب کي ساراهيو ۽ چيو ته اهڙي ڏکئي علائقي ۾ گهٽ جاني نقصان ڪندي ڪامياب آپريشن ڪرڻ اعلي درجي جي پيشيوراڻي صلاحيتن جي ڪري ممڪن ٿيو.

جنرل قمر جاويد باجوه فوج جي قومي سلامتي جي عزم تي اطمينان ظاهر ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي لاءِ ٻين قومي قوتن سان گڏجي ڪوششون جاري رکيون وڃن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*