سکر ويجهو ٻن مختلف روڊ حادثن ۾ نوجوان فوت ٿي ويو، عورت سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

sukkur-map30-07

سکر ويجهو ٻن مختلف روڊ حادثن ۾ نوجوان فوت ٿي ويو، عورت سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڊيها ويجهو وين ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ نوجوان محسن علي هڪڙو فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس امڙ عجيبان خاتون زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسپتال نيو ويو.

سانگي وٽ قومي شاهراهه تي ڪوچ تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي پنو عاقل جي تعلقي اسپتال نيو ويو.

ايڌي ذريعن موجب مسافر ڪوچ رحيميار کان سکر اچي رهي هئي ته تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*