اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس ڪٽنب جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ بابت داخل درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي آهي

pm isb high court

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس ڪٽنب جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ بابت داخل درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سماجي تنظيم طرفان اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، سندس ڪٽنب، ڪيپٽن صفدر ۽ اسحاق ڊار جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي.

ٻڌڻي دوران جسٽس عامر فاروق درخواست گذار کان سوال ڪيو ته عدالت ڪهڙي قانون تحت نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي، اهو ته اختيار حڪومت وٽ  آهي، ڇا اوهان حڪومتي اداري سان رابطو ڪيو؟

درخواست گذار جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ جي پاناما فيصلي بعد ثابت ٿي ويو آهي ته اهو ڪرپشن ڪيس آهي.

درخواست گذار جي وڪيل چيو ته اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس ڪٽنب جا نالا اي سي ايل ۾ شامل نه ڪيا ويا ته اهي پرڏيهه هليا ويندا ۽ واپس ڏيهه نه ورندا.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اهڙي درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*