وڏي وزير مراد علي شاهه، ٽريفڪ پوليس اهلڪارن سان بدتميزي ڪندڙن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪندي

cm ijlas

وڏي وزير مراد علي شاهه، ٽريفڪ پوليس اهلڪارن سان بدتميزي ڪندڙن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هو ٽريفڪ پوليس جو مورال ڪيرائڻ نه ڏيندو.

غيرقانوني پارڪنگ ۽ حد دخلين بابت وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾  ڪراچي جي ڪمشنر کي طلب ڪيو ويو.

مراد علي شاهه، ڪراچي جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته شهر جي مصروف روڊ تي قائم ڪيل غيرقانوني پارڪنگ ۽ حددخليون هٽايون وڃن.

وڏي وزير چيو ته کيس صدر، طارق روڊ ۽ شاهراهه فيصل جي روڊن تي گاڏي پارڪ ڪيل نظر نه اچي.

مراد علي شاهه چيو ته هو ٽريفڪ پوليس جو مورال ڪيرائڻ نه ڏيندو، ٽريفڪ اهلڪارن سان ڀڃڪڙي ڪندڙن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*