تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شفقت محمود چيو آهي ته نوازشريف سرڪاري ملازمن ۽ رياستي وسيلن کي پنهنجي سياست لاءِ استعمال نه ڪري

shafqat-mehmood new

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شفقت محمود چيو آهي ته نوازشريف سرڪاري ملازمن ۽ رياستي وسيلن کي پنهنجي سياست لاءِ استعمال نه ڪري، سندس ريلي جمهوريت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شفقت محمود چيو ته شفقت محمود چيو ته نوازشريف جنهن رستي تي وڃڻ چاهي ٿو، ان جو کيس مڪمل حق حاصل آهي، جهڙي به انداز ۾ سياست ڪري سندس مرضي آهي پر قوم جو پيسو برباد نه ڪري.

هن چيو ته نوازشريف سرڪاري ملازمن ۽ رياستي وسيلن کي پنهنجي سياست لاءِ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪري.

شفقت محمود چيو ته نوازشريف پاران ريلي جي صورت ۾ سفر ڪرڻ  وارو عمل جمهوريت لاءِ انتهائي نقصانڪار ثابت ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*