سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون چيو آهي ته

sindhiani tehreek

سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون چيو آهي ته، ڌرتي معدني وسيلن سان مالا مال هئڻ باوجود سنڌي مائرون روڊن تي پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور ۽ نياڻيون تعليم کان وانجهيل آهن.

ميرپورخاص ۾ اڳواڻن عزرا رند ۽ اميرزادي برهماڻي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي زينت سمون چيو ته سنڌ جون عورتون جديد دور ۾ به بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وظيفي لاءِ نٽهڻ اس ۾ قطارون لڳي بيهن ٿيون.

هن چيو ته ڌرتي معدني وسيلن سان مالا مال هئڻ باوجود مائرون روڊن تي پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آھن، جڏهن ته نياڻيون تعليمي پرائڻ کان پري آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ڏتڙيل عورت کي مردن برابر حق ڏئي صوبي جي ترقي ۾ کيس شامل ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*