ميرپور خاص تعليمي بورڊ پاران مارڪ شيٽس جي فيس ۾ واڌ ڪرڻ خلاف شاگردن شهدادپور ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو

shahdadpur student protest

ميرپور خاص تعليمي بورڊ پاران مارڪ شيٽس جي فيس ۾ واڌ ڪرڻ خلاف شاگردن شهدادپور ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شاگردن ضمير، زاهد حسين، عبدالرحمان ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي ميرپور خاص تعليمي بورڊ پاران مئٽرڪ  جي مارڪ شيٽ جي فيس وڌائڻ خلاف احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙ شاگردن چيو ته يارهين درجي جي تعليم لاءِ داخل جي آخري تاريخ آگسٽ آهي پر تعليمي بورڊ پاران کين مارڪ شيٽس جاري نه پيون ڪيون وڃن.

هنن گهر ڪئي ته فيس گهٽائي کين فوري طور تي مارڪ شيٽس جاري ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*