نينگر علي رضا شيخ جي اغوا شڪ ۾ گرفتار ڪيل جوابدار اياز جمالي، نينگر کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش لوڙهڻ جو انڪشاف ڪيو آهي

sukkur map

نينگر علي رضا شيخ جي اغوا شڪ ۾ گرفتار ڪيل جوابدار اياز جمالي، نينگر کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش لوڙهڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.

وسپور پاڙي مان گذريل ڏينهن گم ٿيل 5 ورهين جي علي رضا شيخ جي اغوا شڪ ۾ گرفتار ڪيل جوابدار اياز جمالي کيس گھٽا ڏئي مارڻ جو انڪشاف ڪيو.

جوابدار اياز جمالي پوليس کي ٻڌايو ته هن ٻار علي رضا کي گھٽا ڏئي مارڻ بعد سندس لاش جند پير وٽ سنڌو درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو.

جوابدار جي انڪشاف بعد مقتول ٻار جا وارثن پنهنجي مدد پاڻ تحت سنڌو درياهه مان لاش جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته سرڪاري سهڪار نه هئڻ سبب ڳولا ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*