ملير ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ ماسترياڻين تي پوليس ڪڙڪي پئي
ملير ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ ماسترياڻين تي پوليس ڪڙڪي پئي، جنهن کانپوءِ ٺٽو-ڪراچي روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي.
قومي شاهراهه تي احتجاج ڪندڙ ماسترياڻين مطالبا منظور نه ٿيڻ تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته پوليس اهلڪار مٿن ڪڙڪي پيا ۽ لٺين جو وسڪار ڪري ڏنو، جنهن بعد چڪريون ٿي پيون.
ماسترياڻين جي احتجاج کانپوءِ ٺٽو-ڪراچي روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي.