سنڌو درياءِ ۾ پاڻي سعح ۾ پاڻي چاڙهه جو سلسلو جاري، 12 ڪلاڪن ۾ 56 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي واڌ ٿي آھي

Guddu-River-1817

سنڌو درياءِ ۾ پاڻي سعح ۾ پاڻي چاڙهه جو سلسلو جاري، 12 ڪلاڪن ۾ 56 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي واڌ ٿي آھي، گڊو بئراج وٽ وچولي ٻوڏ برقرار آهي، جڏهن ته مٿانھون وھڪرو 4 لک 56 ھزار 521ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 4 لک 23 ھزار 380 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي.

آبپاشي عملدارن موجب سکر بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ آھي، جڏهن ته مٿانهون وهڪرو 3 لک 3 ھزار 333 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 2 لک 45 ھزار 578 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي.

آبپاشي عملدارن چيو ته ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانھون وھڪرو  هڪ لک 27 ھزار 145 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 87 ھزار 10 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*