نوازليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته اڄ جي ريلي ۾ عوامي جوش ۽ جذبي ثابت ڪري ڇڏيو ته نوازشريف وڃي ناهي رهيو پر اچي رهيو آهي

talal chodhary

نوازليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته اڄ جي ريلي ۾ عوامي جوش ۽ جذبي ثابت ڪري ڇڏيو ته نوازشريف وڃي ناهي رهيو پر اچي رهيو آهي، حنيف عباسي چيو آهي ته نوازشريف جي ريلي ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي آهي، راولپنڊي ۾ پهچڻ دوران لکين ماڻهو شريڪ ٿيندا جنهن بعد ماڻهن جو تعداد ڪروڙن ۾ ٿي ويندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته اڄ جي ريلي ۾ ماڻهن جي جوش ۽ جذبي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته نوازشريف وڃي ناهي رهيو پر اچي رهيو آهي.

طلال چوڌري چيو ته صفر اڃا شروع ٿيو آهي باقي ڏيڍ سئو ڪلو ميٽر سفر ڪرڻ باَقي آهي.

حنيب باسي چيو ته نوازشريف جي ريلي تاريخ جي وڏي ريلي ثابت ٿيندي، ڪروڙين ماڻهو شرڪت ڪندا.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته نوازشريف جي ريلي ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي آهي، راولپنڊي ۾ پهچڻ دوران لکين ماڻهو شريڪ ٿيندا جنهن بعد ماڻهن جو تعداد ڪروڙن ۾ ٿي ويندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*